صوفي فقير جانڻ چن صادق علي سائين



صوفي فقير جانڻ چن صادق علي سائين
مختصر احوال                                                                                           
فقير سائين جو اسم مبارڪ جان محمد ذات “چن” تخلص “جانڻ چن” ۽ مرشد جو ڏنل اسم صادق علي آهي. سن 1313ھ مطابق 1895ع ڌاري ڳوٺ ٿرڙي هاجران ۾ فقير محمد حسن چن جي گهر سندن جنم ٿيو. سندن ماءُ سڳوريءَ جو اسم پاڪ “رحيم خاتون” هو. فقير جانڻ چن سائين جا چار ڀائر هئا.جن مان ٽي فقير سائين کان وڏا ۽ هڪ ننڍو هو. ننڍوپڻ ۾ سندن وڏن ڀائرن فقير سائين کي تعيلم حاصل ڪرڻ جي مقصد سان مدرسي ۾ داخل ڪرايو ٽي سال گذري ويا پر ايڏي وقت ۾ فقير سائين قرآن پاڪ جون ايميون ئي ٽي پڙهيا ۽ جيڪو ذهن منجھ ويٺن سو فقط اکر ئي هڪڙو “الف” هو. مدرسي جي استاد فقير سائين جي ڀائرن کي چيو ته ئي ڪو نه پڙهندو هن کي وڃي ڌنار ڪيوس انهي واقهي کان پوءِ فقير سائين ڪڏهن به ٻيهر ظاهر تعليم جي ويجهو نه ويا پوءِ فقير سائين ڌنار ڪو ڪم ڪرڻ لڳ ننڍائي کان ئي پاڻ اڪيلائي پسند ڪندا ها. پنهنجو وقت ڪچهرين ۾ ئي گذاريندا هئا جي مال جهنگ ۾ ته پاڻ به مال سان گڏ و گڏ رهندا ها انهي دور ۾ ئي سندن ايمان “دستگير” ته هوندو هو.جڏهن ته پاڻ اڃان ننڍيءِ وهي ۾ هئا پر تنهن هوندي به نه الله نه رسول بلڪ دستگير يعني دستگيري ڪرڻ وارو اها وائي سندن وات هوندي هئي ڪيڏي مهل به ڪامشڪل اچي وڃي ته سندن وات مبارڪ مان يا دستگير جي صدا نڪري ويندي هي. جيڪا هڪ عجيب ڳالھ آهي. فقير سائين 11 ورهين جا هئا. جو سندن ولد صاحب دنيا ترڪ ڪري هليا ويا ۽ وري موٽي نه آيا. فقير سائين انهي وقت کان وٺي کين خواب ۾ ڏسندا هئا روئي چوندا هئا ته“ بابا اسان کي ڇڏي نه وڃن اسان ڪنهن کي بابا ڪري چئون اسان کي نه ڇڏا تنهن تي سندن ولد صاحب جواب ڏيندا هئا تي توسان ته ملان ٿو باقي هتي رهئو ناهي دنيا ڇڏڻي آءِ”  اهو ئي سبب هو جو ننڍپڻ ۾ ئي فقير سائين جي مزاج ۾ سنجيدگي ۽ درد مندي  پيهي وئي پاڻ ايان بلوغت ۾ به نه هئا ته شاعري شروع ڪيائون .
فقير سائينءَ جي جواني، شادي ۽ اولاد:
 سنه 1919ع ۾ خلافت تحريڪ جي هلچل هئي جنهن ۾ مسلمان ۽ هندو هڪ طرف ٿي انگريزن جا مخالف ٿيا.خلافت تحريڪ اٿي ئي لاڙڪاڻي مان هئي تنهن۾ فقير جانڻ چن سائين ۽ سندن ننڍو ڀاءُ بخشل چن، انقلابي شعر ڪلام چوندا هئا. جوانيءَ جي شروعات کان وٺي فقير سائين جو وقت فقيرن بهادرن ۽ علم وارن سان گذريو سندس جوش جذبي ۽ پردرد طبيعت جي ڪري هاري پورهيت ۽ مجاهد ليڊر دل سان کين چاهيندا ها فقير جانڻ چن سائين ٽيهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ “ڪٽياڻ” (تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو) مان هڪ ڪٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪئي اولاد ۾ کين پنج نياڻيون ۽ چار فرزند عطا ٿيا هڪ فرزند ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ نياڻين مان ٽي وفات ڪري گذريون فقير جانڻ چن جا ٽي فرزند آهن جن جا اسم شريف هن ريت آهن؛ 1.فتح علي چن 2. شوڪت علي چن 3.محمد علي چن مست(محمد علي چن مست سائين شروعات کان وٺي مست هئا ۽ 1994ع جي ڊسمبر ۾ وفات ڪيائون) ننڍپڻ کان وٺي فقير جانڻ چن سائينءَ جو خيال توڪلي هو پاڻ هميشه انهي ڳالهه تي يقين رکندا آيا ته “اڄ ڏنئين سڀاڻي ڏيندو” شاديءَ کان پوءِ درگاھ حيدر شاھ تعلقو وارھ ضلعو لاڙڪاڻو جي اڳيان هڪ هندو جي ڏھ جريب زمين تي فقير سائين هارپو ڪندا هئا پو جڏهن  پارٽيشن جي دور ۾ هندو هليا ويا تڏهن اها زمين فقير جانڻ چن سائين جي نالي الاٽ ٿي پر پاڻ اها ترڪ ڪري

ڀڳت ڪنوار رام

سيد انور شاه

سنڌ ڌرتي به اهڙي خوشنصيب ڌرتي آهي جتي وقت به وقت صوفي اولياءَ الله جي آمد جو سلسلو جاري وساري آهي. اهڙن اوليائن ۾ انور سائين جو نالو ڪنهن تعريف جو محتاج نه آهي. پاڻ ويهين صدي جا تصوف جا عملبردار آهن سائين جن جي ولادت باساعت 11 محرم الحرام 1324 هجري به مطابق 1904ع ۾ مخدوم سيد خدابخش شاهه جي گهر واقع ڳوٺ جهانپور شريف ضلع گهوٽڪي ۾ ٿي. انور سائين جن جو جَدِ احد جو سلسلو 21 واسطن سان سيد جلال الدين عرف جهانيان جهان گشت 32 واسطن سان امام موسي ڪاظم عليه السلام 35 واسطن سان امام زين العابدين ابن امام مظلوم شهداءِ ڪربلا صابرو شاڪر امام حسين عليه السلام سان ملي ٿو.
تعليم و تربيت:
جيئن ته سائين جي آمد کان چند ڏينهن پوءِ سائين جن جو والد محترم جناب سيد خدابخش شاهه سائين وصال ڪري ويا. انهيءَ کان پوءِ انور سائين جن جي پرورش جو بار سندن چاچي سيد بهادر علي شاهه جي حوالي ٿي جيڪي وقت جا نامور عالم دين هئا سائين جن کي تعليم لاءِ ڳوٺ جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو سائين جن ڄمندي ڄام هئا مدرسي ۾ عشق الاهي ۾ مستغرق رهڻ سبب ظاهري علم ۾ بي ڌياني سبب اتي علم حاصل نه ڪيائون. سندن چاچي ڳوٺ محمد پور تعلقه اوٻاوڙو جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو. انهيءَ کان پوءِ مولوي محمد عيسيٰ وٽ قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ ويهاريو ويو. پاڻ هڪ هفتي اندر مولوي صاحب کي مڪمل قرآن پاڪ پڙهي ٻڌايائون. مولوي صاحب حيرت ۾ اچي ويو. انهي سائين جن جي چاچي کي اچي ٻڌايو ته سائين جن علم لدني سان آراسته آهن. پاڻ جيتوڻيڪ ظاهري علم حاصل نه ڪيائون تڏهن به سندن شاعري جو مثال ملڻ ناممڪن آهي. سائين جن جي شاعري سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، هندي، گرمکي، بلوچي ٻولين تي مشتمل آهي. سائين جن جي ڪلامن جو رسالو ٻه ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.
رياصت عبادت:
انور سائين همهءِ اوست فنافي الله جو مقام ماڻي هميشه اڪيلائي ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. تمام تر وقت جهنگ ۾ گذاريندا هئا عبادت الاهي ۾ ساندهه 14 سال گذاريائون. سندن اکيون هميشه لعل رهنديون هيون. پاڻ 14 سالن گوشئه نشيني کان واپس اچي ڪجهه وقت ڳوٺ جي مڙهي ۾ رهيا. تنهن تي ڳوٺ جي ساداتن توڙي ٻين مسلمانن ناراضگي ظاهر ڪئي. پاڻ فرمايائون ”مڙهي – مندر – مئخانه – مسجد ساڳيون جايون آهن – خدا پاڪ هر هنڌ حاضر ناضر آهي.
اهو ئي سبب آهي جو سائين جن جي فقراءَ ۾ هندو – مسلم – مارواڙي – ماڙيچاسوچي سڀ موجود آهن. سائين جن جي ميخاني تي راڳ ويراڳ جون محفلون ٿيڻ لڳيون. الله جا فقير ظاهري توڙي باطني حاضري ڀرڻ لاءِ اچڻ لڳا. جن مان ظاهر جي شخصيات ۾ محمد فقير کٽياڻ. غمدل فقير، داتا ولايت شاهه سرفهرست هئا. سائين جن جي نمايان فقيرن ۾ شائق فقير، پانڌي فقير منگهن فقير، الهڌنو فقير، ويراڳ علي فقير مصري فقير، نانگو نهال شاهه، استاد عنابت الله فقير جو نالو شامل آهي. سائين جن جي شاعري ۾ هم اوست جو عنصر نمايان آهي رِند ٿي رهبر سڏايون. مست هون مئخان ۾ اَناالحق اظهار ٿيو- منصور جان ميدان ۾. هم اوست سان گڏ سائين جن جي شاعري ۾ هجرو فراق – ثنا- حمد به موجود آهي ۽ انهي سان گڏ سنڌ جي ڪلاسيڪل تمثيلي شاعري پڻ موجود آهي.
سائين جن جو وصال 21 محرم 1381 هجري به مطابق 5 جولاءِ 1961 تي ٿيو.
ستگرو ڀڳت سترامداس صاحب

ابجي تعلقي نوشهري وارا ساڌ نامور آهن. ڀائي سترامداس صاحب ابجي وارا هڪ پورن ڀڳت ٿي گذريا آهن. ابجي جو ڳوٺ شهر نوشهري فيروز کان اٺ ميل پري مٺياڻي جي ويجهو اهي. ڀائي سترامداس صاحب صوفي فقيرن جي گڏيات هئا. سندن مرشد مير جان الله شاه صاحب روهڙي وارا صوفي فقير هئا. سندن پتا جڳياسو ساڌو هوندو هو.

ڀائي سترامداس ڀني سنگين کي اهو اپديش ڏيندو هو ته ايشور پرماتما سڀني ۾ رمي رهيو آهي ۽ سڀني کي ايشور جو روپ ڄاڻي ڪنهن سان ڊوه نه ڪجي ۽ نه ڪنهن سان ظلم ڪجي. سڀ ڪنهن ۾ هري پرماتما کي پسجي. ايشور هر هنڌ حاضر آهي. پهريائين پاڻ کي پس پوءِ گروءَ کي پس ۽ تنهن کانپوءِ ايشور پرماتما کي سڃاڻ ڀائي سترامداس جا انيڪ سک ۽ سنگي ٿيا آهن. جن مان ڪي حيات آهن. ڀائي صاحب جو اهو اپديش سنگين کي هوندو هو ته رات ڏينهن ٿوري ننڊ ڪري ننڊ کي جيتي ايشور پرماتما جي نام جي سمرن ڪريو. هو پنهنجن سکن کي رام نام جي جشن ڪرڻ جو اپديش ڏيندا هئا. ڀائي جن سڌ پرش هئا. پاڻ سچي رات جاڳي ايشور جو جو ڀڄن ڪندا هئا. سندن انيڪ ڪرامتون ڏيکاريل آهن.
ڀائي سترامداس صاحب جا گهڻائي سک هئا، تن مان مکيه ديوان وزيرمل جج، ماستر نرملداس ۽ چوهڙ مل وڪيل حيدرآبادي عامل هئا.
ڀائي صاحب سال 1902ع ۾ 56 ورهين جي اوسٿا ۾ هي چولو ڇڏيو. سندس گاديءَ تي سندس ڀائٽيو ڀائي ميارام گاديءَ تي ويٺو.